ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 69 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 69 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 266 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران 27 سئو 69 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن،جنهن بعد مريضن جو انگ 2 لک 51 هزار 625 ٿي ويو.

رپورٽس مطابق  سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرونا جا هڪ لک 5 هزار 533 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن،جڏهن ته هڪ هزار 795 ماڻهو حياتيون

وڃائي ويٺا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 13 فوتگيون ٿيون آهن ۽  87 هزار 43 شهري متاثر ٿيا آهن.

ڪي پي ۾ 30 هزار 486  ڪرونا جا مريض ٿي ويا، جڏهن ته هڪ هزار 99 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا.

بلوچستان ۾ 11 هزار 185  ڪرونا جاڪيس ٿي چڪا آهن ۽  126 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

وفاقي گادي واري شهر  اسلام آباد ۾ 153، آزاد ڪشمير ۾ 44 ۽ گلگت بلتستان ۾ 26 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*