والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڏينهن پري ناهي: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم  عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين جي حق خود اراديت لاءِ ثابت قدمي سان بيٺل آهي،پاڪستان والاريل ڪشمير جي ڀارت

کان آزادي تائين ڪشميرين جي جائز جدوجهد  جي حمايت جاري رکندو،.

ڪشميرين جي شهادت جي ڏينهن جي موقعي تي ٽوئيٽر پيغام ۾ وزير اعظم عمران خان چيو ته والاريل ڪشمير جي آزادي جو ڏينهن پري

ناهي،ڪشميرين جا ابا ڏاڏا،هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين جانيون قربان ڪندا رهيا آهن.

هن چيو ته اڄ ڪشميري جرعت سان هندوتوا بالادستي  جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن.

عمران خان چيو ته هندوتوا بالادستي جو مقصد آبادي جي تناسب  کي تبديل ڪري ڪشميرين جي صفائي ڪرڻ ۽ سندن سڃاڻپ کي ختم ڪرڻ آهي.

وزير اعظم شهيدن جي ڏينهن تي ڀارتي قبضي خلاف ڪشميرين جي جدوجهد کي سلام ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*