ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 67 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وڌيڪ 67 ماڻهن جون حياتيون کسي ورتيون، فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 386 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2 هزار 165  نوان ڪيس رپورٽ ٿيڻ بعد مريضن جو انگ 2 لک 55 هزار 769  ٿي ويو،.

رپورٽس مطابق هيل تائين هڪ لک 72 هزار 810 مريض صحتياب،21 هزار 749 نيون ٽيسٽون ڪيون ويون.

سنڌ ۾ فوتين جو تعداد هڪ هزار 863،پنجاب ۾ 2 هزار 43،ڪي پي ۾ هڪ هزار 114 ۽ بلوچستان ۾ 127 ٿي ويو.

اسلا آباد ۾ فوتين جو تعداد 155،گلگت بلتستان ۾ 38 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 46  تائين پهچي ويو.

سنڌ ۾ متاثرن جو تعداد هڪ لک 7 هزار 773،پنجاب ۾ 88 هزار 45،ڪي پي ۾ 31 هزار هڪ ٿي ويو.

وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 14 هزار 315،بلوچستان ۾ 11 هزار 239،گلگت ۾ هڪ هزار 708 ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 688 ٿي ويو.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس وگهي 5 لک 81 هزار 221 شهري حياتيون وڃائي ويٺا،متاثرن جو تعداد وڌي هڪ ڪروڙ34 لک 59 هزار 235 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق هيل تائين 78 لک 49 هزار 326 شهري صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 39 هزار 143،برازيل ۾ 74 هزار 262 ۽ ڀارت ۾ 24 هزار 313 ويو.

روس ۾ 11 هزار 614،پيرو ۾ 12 هزار 229،چلي  ۾ 7 هزار ،ميڪسيڪو ۾ 36 هزار ۽ اسپين ۾ 28 هزار شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

ڏکڻ آفريقا ۾ ڪرونا وائرس 4 هزار 346،برطانيا ۾ 44 هزار 968،ايران ۾ 13 هزار 211،اٽلي ۾ 34 هزار 984 ۽ سعودي عرب ۾ 2 هزار 283 شهرين جون حياتيون ڳڙڪائي ويو.

ترڪي ۾ ڪرونا وائرس سبب 5 هزار 402،جرمني ۾ 9 هزار 144، بنگلاديش ۾ 2 هزار 424 ۽ فرانس ۾ 30 هزار 29 شهري فوت ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*