ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 40 مريض فوت
ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، وڌيڪ 40 شهري فوت ٿيڻ کانپوءِ انگ وڌي 5 هزار 426 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا وائرس سبب سنڌ ۾ هڪ لک 8 هزار 913 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا ۽ هينئر تائين 18 سئو 88
شهري جان جي بازي هارائي ويا.
رپورٽس مطابق پنجاب ۾ 88 هزار 539 ڪرونا جا وائرس ظاهر ٿيا آهن،جڏهن ته فوتين جو تعداد 2هزار 51 ٿي ويو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق خيبرپختونخواهه ۾ 31 هزار 217 شهري متاثر ٿيا آهن ۽ فوتين جو تعداد هڪ هزار 120 ٿي
ويو آهي.
اين سي او سي مطابق بلوچستان ۾ 11هزار 323 شهري ڪرونا ۾ وٺجي ويا ۽ 127 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.
وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 156، آزاد ڪشمير ۾ 48 ۽ گلگت ۾ 38 شهري جان جي بازي هارائي ويا آهن.
دنيا ۾ ڪرونا وائرس سبب فوتين جو انگ وڌي ڪري 5 لک 86 هزار 821 ٿي ويو.
عالمي رپورٽس مطابق دنيا ۾ متاثرن جو انگ وڌي ڪري هڪ ڪروڙ 36 لک 91 هزار 665 ٿي ويو،جڏهن ته 80 لک 37 هزار 214 مريض
صحتياب ٿي ويا آهن.
آمريڪا ۾ هڪ لک 40 هزار 140،برازيل ۾ 75 هزار 523 ۽ ڀارت ۾ 24 هزار 929 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.
رپورٽس مطابق روس ۾ 11 هزار 770 ،پيرو ۾ فوتين جو انگ 12 هزار ،چلي ۾ 7 هزار 86،ميڪسيڪو ۾ 36 هزار 906 ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ 4 هزار 453 فوت ٿي ويا.
انگن اکرن مطابق اسپين ۾ فوتين جو تعداد 28 هزار 413،برطانيا ۾ 45 هزار ،ايران ۾ 13 هزار 410،اٽلي ۾ 34 هزار 997،۽ فرانس ۾ 30 هزار 120 ٿي ويو.