لاهور هاءِ ڪورٽ اثاثا ڪيس ۾ شهبازشريف جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولاءِ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ن ليگ جي صدر شهبازشريف جي ضمانت واڌ بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

شهبازشريف ضمانت لاءِ پاڻ عدالت سامهون پيش ٿيو.

شهباز شريف جي وڪيلن جي پيش نه ٿيڻ درخواست تي ٻڌڻي کي ملتوي ڪيو ويو.

داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته شهبازشريف جا وڪيل اسلام آباد ۾ مصروف آهن،انڪري ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شهبازشريف چيو ته طبيعت ٺيڪ ناهي، پر ان جي باوجود عدالت جي احترام ۾ پيش ٿيو آهيان.

نيب وارا عدالت ۾ هڪڙي ۽ پنهنجي آفيس ۾ ٻئي ڳالهه ڪن ٿا،نيب اختيارن  جي ناجائز استعمال  جو هڪ به ثبوت پيش نه ڪيو آهي.مني

لانڊرنگ جا سمورا الزام ڪوڙا آهن.

عدالت نيب جو موقف ٻڌڻ بعد شهبازشريف جي عبوري ضمانت ۾ 23 جولائي تائين واڌ ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*