موسميات کاتي سڀاڻي کان ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي سڀاڻي ڪراچي ۾ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، برسات کان اڳ تيز هوائون به گهلنديون.

موسميات کاتي گرمي جي ستايل ڪراچي واسين لاءِ مون سون جي ٻي اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي آهي.

ڊي جي ميٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 17 جولاءِ تي منجهند جو گجگوڙ سان برسات پئي سگهجي ٿي.

سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ جمعي تي 30 کان 40 ملي ليٽر برسات جو امڪان آهي، برسات کان اڳ تيز هوائون به گهلنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*