حڪومت دهشتگرد احسان الله احسان خلاف فوري ڪارروائي ڪري: اسماعيل راهو

صوبائي وزير اسماعيل راهو پ پ چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري کي ڌمڪين جي مذمت ڪندي چيو آهي ته حڪومت دهشتگرد احسان الله احسان

خلاف فوري ڪارروائي ڪري ڪيس داخل ڪري.

جاري ڪيل بيان ۾ صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو ته بلاول ڀٽو وزيراعظم عمران خان خلاف بيان ڏنو هو؟ کيس احسان الله احسان ڌمڪي ڇو

ڏني؟ پ پ چيئرمين کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار عمران خان هوندو.

هـُن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي احسان الله احسان پاران ڏنل ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا، اسلام آباد ۽ بني گالا پاران هيل تائين ڌمڪين جي

مذمت سامهون ناهي آئي.

اسماعيل راهو چيو ته قوم ڄاڻي چڪي آهي ته طالبان ڪنهن جي چوڻ تي ڌمڪي ڏني؟ڇا عمران خان جي چوڻ تي بلاول ڀٽو زرداري کي ڌمڪي

ڏني وئي؟

صوبائي وزير چيو ته سڀ ڄاڻن ٿا ته موجوده حڪمرانن جا پير ڪٿي ٿا ملن، حڪومت دهشتگرد احسان الله احسان خلاف فوري ڪارروائي

ڪري ڪيس داخل ڪري……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*