ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 47 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 47 مريض زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا،جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 5 هزار 522 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي پڌرائي موجب 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 19 سئو 18 ماڻهن ۾ ڪرونا هجڻ جي تصديق ٿي.

رپورٽس مطابق سنڌ ۾ فوتين جو انگ وڌي 19 سئو 52 ، پنجاب ۾ 2 هزار 67  ۽  ڪي پي ۾ 11 سئو 30 ٿي ويو.

پڌرائي موجب بلوچستان ۾ 131 ۽ اسلام آباد ۾ 157  شهرين جون حياتيون ضايع ٿي ويون.

 گلگت بلتستان ۾ 39 ۽ آزاد ڪشمير ۾ به 46 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي مطابق  گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جو 23 هزار 11ٽيسٽون ڪيون ويون.جڏهن ته هڪ هزار 918 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

دنيا ۾ ڪرونا جا هاڃا جاري آهن،فوتين جو انگ وڌي 5 لک 97 هزار 683ٿي ويو.

رپورٽس مطابق دنيا ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 41لک 7 هزار963 ٿي ويو.

هينئر تائين ڪرونا جا 84 لک 5 هزار 676 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن،آمريڪا جيڪو ڪرونا کان وڌيڪ متاثر ملڪن  ۾ شامل آهي،اتي

هڪ لک 41 هزار 874 شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

عالمي رپورٽس مطابق برازيل ۾ڪرونا  وائرس ۾ فوتين جو انگ 77 هزار 851 تائين پهتل آهي.

ڀارت ۾ ڪرونا 26 هزار 285،روس ۾ 12 هزار 123 ۽ ميڪسيڪو ۾ 37 هزار 574حياتيون ڳڙڪائي ويو.

برطانيا ۾ 45 هزار 233،ايران ۾ 14 هزار ،ترڪي ۾ 5هزار 454 ۽ سعودي عرب ۾ 2 هزار 407 شهري ڪرونا جو کاڄ ٿي ويا آهن.

رپورٽس مطابق اٽلي ۾ ڪرونا ۾ وڌيڪ 11 فوتگيون ٿيڻ بعد تعداد 35 هزار 28 ٿي ويو،جڏهن ته بنگلاديش ۾ 2هزار 547 شهري موت جو کاڄ

ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*