موسميات کاتي اڄ به سنڌ ۾ وسڪارن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي، ميرپورخاص، بدين ، ٺٽو ۽ ٻين

علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن برسات کانپوءِ ڪجهه علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال

ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ اڄ به برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي، ميرپور خاص، بدين ، ٺٽو ۽ هيدرآباد ڊويزن

جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز ٻچايو ته ڪراچي ۾ اڄ منجهند ڌاري ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي

برسات جو امڪان آهي.

هوڏانهن ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن پيل برسات کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي.

برسار کانپوءِ شهر جي ڪيترن ئي علائقن مان غائب ٿيل بجلي به اڃا بحال نه ٿي سگهي آهي، جنهن سبب شهرين گذريل رات به جاڳي گذاري .

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*