اڄ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهيون: وزيراعظم عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مان ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جي حاصلات  جي جدوجهد ۾ ساٿ نڀائڻ جو عزم ورجايان ٿو،اڄوڪي ڏينهن تي ڪشميرين پاڪستان   سان الحاق جو ٺهراءَ منظور ڪيو هو

ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ڪشميري عوام جي انصاف جي حاصلات جي ويڙهه ۾ گڏ آهي

هن چيو ته ڪشميرين  جو حق خوداراديت  گڏيل قومن ۽ عالمي قانونن کان تسليم ٿيل آهي

عمران خان چيو ته اڄ يوم الحاق پاڪستان ملهائي رهيا آهيون

هن چيو ته ڪشميري هندتوا نظرئي واري ڀارتي حڪومت جي غير قانوني ۽ ظالماڻن قدم جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن،ڪشميرين کي هڪ ڏينهن ضرور انصاف ملندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*