ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 40 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 40 مريضن دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ 5 هزار 639 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ اندر  13 سئو نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق  ملڪ اندر  وائرس سٽيلن جو مجموعي انگ 2 لک 66 هزار 96 تائين پهچي ويو.

 پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ 2 هزار 90 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق سنڌ ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 19 تائين پهچي ويو.

 خيبرپختونخواهه ۾ 1147، اسلام آباد ۾ 160، بلوچستان ۾ 133، آزاد ڪشمير ۾ 47 ۽ گلگت بلتستان ۾ 43 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

ملڪ ۾ مجموعي طور تي  2 لک 8 هزار 30 مريض ڪرونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*