ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 50 هزار رهجي ويو

ملڪ اندر ڪرونا وائرس جو زور ٽٽي پيو، ملڪ ۾ ايڪٽِو ڪيسز جو انگ 50 هزار رهجي ويو،   24 ڪلاڪن ۾ 17 سئو 63 نوان ڪيسز

رپورٽ ٿيڻ کانپوءِ مريضن جو انگ 2 لک 29 هزار 191 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ملڪ ۾ ڪرونا وڌيڪ 32 حياتيون ڳڙڪائي ويو،جنهن بعد حياتيون وڃائيندڙن جو انگ 5 هزار 709

تائين پهچي ويو.

رپورٽس مطابق  سنڌ ۾ 2 هزار 60 ۽ پنجاب ۾ 21 سئو مريضن دم ڏئي ڇڏيو.

 ڪي پي ۾ 11 سئو 58 ۽ بلوچستان ۾ 136 مريض ڪرونا وگهي جان جي بازي هارائي ويا.

گادي واري شهر  اسلام آباد ۾ 162، آزاد ڪشمير ۾ 48 ۽ گلگت بلتستان ۾ 45 حياتيون وڃائي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ لک 15 هزار 213،ڪي پي ۾ 32 هزار 753، اسلام آباد ۾ 14 هزار 722،آزاد ڪشمير ۾ هڪ هزار 961

۽ بلوچستان ۾ 11 هزار 517 ٿي ويو.

پنجاب ۾ متاثرن جو انگ 91 هزار  ۽ گلگت ۾ هڪ هزار 896 ٿي ويو.

دنيا ۾ قاتل  ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو،فوتين جو انگ 6 لک 30 هزار 217 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 53 لک 74 هزار 851 ٿي ويو،جڏهن ته 93 لک 49 هزار 392 صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا ۾ فوتين جو انگ هڪ لک 46 هزار،برازيل ۾ 83 هزار ۽ ڀارت ۾ 30  هزار ٿي ويو.

روس ۾ 13 هزار،ڏکڻ آفريقا ۾ 6هزار،پيرو  ۾ 17 هزار ۽  ميڪسيڪو ۾ 41 هزار شهري حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

چلي ۾ فوتين جو انگ 8 هزار 722،اسپين ۾ 28 هزار 426 ۽ برطانيا ۾ 45 هزارن  تائين پهچي ويو.

ايران ۾ 15هزار،سعودي عرب ۾ 2 هزار 600،اٽلي ۾ 35 هزار،ترڪي ۾ 5 هزار 545 ۽ فرانس ۾ 30 هزار  ڪرونا متاثر جان جي بازي هارائي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*