ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 21 مريضن دم ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 21 شهرين دم ڏنو، جنهن بعد فوتين جو تعداد 6 هزار 35 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق  ملڪ ۾ ڪرونا جا 727 نوان ڪيس سامهون آيا آهن،جڏهن ته 15  هزار نيون ٽيسٽون ڪيون ويون.

بلوچستان، گلگت، بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ ڪرونا سبب ڪو به مريض فوت نه ٿيو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن مطابق سنڌ ۾ 2 هزار 245، پنجاب ۾ 2 هزار 162، ڪي پي ۾ هڪ هزار 215 شهري حياتيون وڃائي ويٺا.

اين سي او سي مطابق سنڌ م ڪرونا متاثرن جو تعداد هڪ لک  22 هزار 373، پنجاب ۾ 93 هزار 847، ڪي پي ۾ 43 هزار 359، اسلام آباد ۾ 15 هزار 141،بلوچستان ۾ 11 هزار 793، گلگت ۾ 2 هزار 234 ۽ آزاد ڪشمير ۾  ٻه هزار 116ٿي ويو آهي.

دنيا ۾ ڪرونا وائرس جا راڱا جاري آهن، فوتين جو انگ وڌي ڪري 7 لک 11 هزار 220 ٿي ويو.

عالمي رپورٽس مطابق متاثرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 89 لک 76 هزار 340 تائين پهچي ويو آهي.

رپورٽس مطابق دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 21 لک 65 هزار مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

آمريڪا جيڪو دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ متاثر آهي ،اتي ڪرونا تي ڪنٽرول نه ٿيو آهي.

انگن اکرن مطابق آمريڪا ۾ فوتين جو تعداد هڪ لک 61 هزار 601 ۽ برازيل ۾ 97 هزار 418 تائين پهچي ويو.

ڀارت ۾ 40 هزار 739،روس ۾ 14 هزار 490،ڏکڻ آفريقا ۾ 9 هزار 298 ۽ ميڪسيڪو ۾ 49 هزار 698 حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

پيرو ۾ 20 هزار ، چلي ۾ 10 هزار،اسپين ۾ 28 هزار .برطانيا ۾ 46 هزار ۽ فرانس ۾ 82 هزار شهري ڪرونا جو شڪار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*