ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 17 مريض دم ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وگهي وڌيڪ 17 ڄڻا فوت  ٿي ويا،ڪرونا وگهي فوتين جو تعداد وڌي 6 هزار 52 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق 24ڪلاڪن دوران ڪرونا جا 782 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

ملڪ ۾ ڪرونا متاثرن جو تعداد 2 لک 82 هزار 645 ٿي ويو،جڏهن ته 2لک 58 هزار 99 ڄڻا ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي ويا.

رپورٽس مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 15 هزار  هڪ ڪرونا وائرس جون ٽيسٽون  ڪيون ويون.

سنڌ ۾ ڪرونا جي مريضن جو تعداد هڪ لک 22 هزار 759 ۽ ڪي پي ۾ ڪرونا جي مريضن جو تعداد  34 هزار 432 آهي.

بلوچستان ۾ 11 هزار 821،اسلام آباد ۾ 15 هزار 182،ڄمون ۽ ڪشمير  ۾ 2 هزار 124، گلگت ۾ ٻه هزار  287 ۽ پنجاب ۾ 94 هزار 40 مريض متاثر ٿيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*