ڪرونا خلاف جنگ ۾ دنيا اسانجي کنيل قدمن جي واکاڻ ڪئي: شبلي فراز
سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته سياحت ۽ ڪاروبار جي مختلف شعبن جو کلڻ ملڪ لاءِ سٺي خبر آهي.
ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته وزير اعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي ذريعي صحت ۽ معيشت ٻنهي گڏ کڻي هلڻ جي حڪمت عملي کي وقت درست ثابت ڪيو.
شبلي فراز چيو ته ڪرونا جي خلاف جنگ ۾ اسان جي قدمن جي دنيا واکاڻ ڪئي.
واضح رهي ته ڪرونا وائرس سبب دنيا سميت پاڪستان ۾ جوڳو نقصان ٿيو آهي، هينئر تائين صورتحال کي بهتر بنائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.