آمريڪي مالياتي اداري پاڪستان جي معاشي صورتحال کي مستحڪم قرار ڏئي ڇڏيو

آمريڪي مالياتي اداري موڊيز پاڪستان جي بهتر معاشي صورتحال  کي سامهون رکندي ريٽنگ مستحڪم قرار ڏئي ڇڏي.

ناڻي جي وزارت جو چوڻ آهي ته  موڊيز ريٽنگ بي ٿري برقرار رکي ڇڏي آهي،جيڪو اقتصادي پاليسين تي اعتماد جو اظهار آهي.

ناڻي جي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ريٽنگ اداري مشڪل صورتحال ۾ به پاڪستان جي اقتصادي پاليسين تي اعتماد جو اظهار ڪيو.

واضح رهي ته موڊيز دنيا جي مختلف معيشتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ريٽنگ جاري ڪندي آهي،جنهن جي بنياد تي عالمي ادارا سيڙپ ڪندا آهن  ۽ قرض به ڏيندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*