شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا ۾ 8 آگسٽ جي شهيدن  کي خراج عقيدت پيش ڪندي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قوم ڪوئيٽا سانحي کي ڪڏهن به وساري نٿي سگهي، جنهن ۾ 50 کان وڌيڪ وڪيل شهيد ٿيا.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته انسانيت ۽ تهذيب جي دشمنن ان سانحي ذريعي  انصاف جي فراهميءَ جي نظام جي اهم حصي کي نشانو بڻايو.

هن چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪميشن رپورٽ تي عمل نه ڪرڻ سانحي جي شهيدن ۽ انهن جي وارثن سان ناانصافي آهي.

پ پ چيئرمين چيو ته شهيدن جون قربانيون  ضايع نه ٿينديون، انهن جو مشن جاري رکنداسين.

هن چيو ته وڪيل برادري  سميت پوري قوم  کي يقين ڏياريان ٿو ته آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ آخري دم تائين جدوجهد ڪندا رهنداسين.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*