دنيا کي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ پاڪستان سيکاريو: صدر عارف علوي

صدر عارف علوي چيو آهي ته دنيا کي دهشتگردي جو مقابلو ڪرڻ پاڪستان سيکاريو، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان هزارين قربانيون ڏنيون.

ايوان صدر ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ جشن آزادي جي مبارڪباد ڏيندي صدر عارف علوي چيو ته 23مارچ 1940 تي قرارداد پاڪستان منظور ٿي.

هن چيو ته پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏنو،قوم آزمائشن مان گذري گهڻو ڪجهه سکيو،.

هن چيو ته پاڪستاني قوم 35 لک افغان مهاجرن کي پناهه ڏني،اڄ ڪو به ملڪ 100 پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.

صدر چيو ته پاڪستان ڀارتي اڳرائي جي جواب ۾ امن جو پيغام ڏنو،ڪرپشن خلاف اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

هن چيو ته پاڪستان انتهاپسندي جي خلاف قومن کي متحد ڪيو ۽ دهشتگردي سان مقابلي جا گر سيکاريا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*