بدقسمتي سان موجوده حڪمرانن جي هٿ ۾ ڪستو آهي: شهباز شريف

مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف  چيو آهي ته قوم قربانيون ڏئي پاڪستان حاصل ڪيو ،پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪاميابي ايٽمي قوت بڻجڻ هو، ڪير به پاڪستان کي ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي.

لاهور ۾ جشن آزادي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته پاڪستان کي اڻ ڳڻيون ڪاميابيون مليون آهن.

هن چيو ته بدقسمتي سان موجوده حڪمرانن  جي هٿ ۾ ڪستو آهي، ڪستو ۽ ايٽمي طاقت گڏ نٿا هلي سگهن.

ن ليگ جي صدر چيو ته وقت جي اهم ضرورت آهي ته ڪستو ٽوڙيو وڃي، پاڻ کي اهل بڻائي اهو ڪستو ٽوڙي سگهون ٿا.

شهباز شريف چيو ته ڪمبل جيان اهو ڪستو اسان جي معيشت ۾ ويڙهيل آهي.

هن چيو ته پاڪستان وڏين قربانين جي نتيجي ۾ حاصل ڪيو ويو،اهي قومون آزاد نه هونديون آهن،جيڪي معاشي طور تي مضبوط نه هجن.

هن چيو ته ڪرونا سبب مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيڻ گهرجي ها، پر مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*