ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 14 مريض زندگي جي جنگ هارائي ويا

ملڪ ۾ ڪرونا   وائرس وگهي وڌيڪ 14 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته فوتين جو  انگ 6 هزار 153 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر مطابق ڪرونا جا 626نوان ڪيس ظاهر، انگ 2 لک 87 هزار 299 ٿي ويو.

اين سي او سي

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ ڪرونا جا 2 لک 65 هزار 215 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

رپورٽس مطابق سنڌ ۾ هڪ لک 25 هزار 289 ،پنجاب ۾ 99 هزار 394 ۽ ڪي پي ۾ 35 هزار 21 ڪيسز سامهون اچي ويا.

جاري ڪيل پڌرائي موجب بلوچستان ۾ 21 هزار 62 ، اسلام آباد ۾ 15 هزار 342 ،گلگت ۾ 2 هزار 426 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2167  مريض ٿي ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*