پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿي چڪو آهي: وزيراعظم عمران خان
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿي چڪو آهي، 4 کان وڌيڪ ملين ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ جمع ٿي چڪا آهن.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي معيشت صحيح دڳ تي آهي، جولاءِ 2019 ۾ 613 ملين ڊالرز ۽ جون 2020 ۾ 100 ملين ڊالرز جي خساري بعد
صورتحال بهتر ٿي چڪي آهي.
هـُن چيو ته ملڪ جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ختم ٿي چڪو آهي، جولاءِ 2020 ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ ۾ 424 ملين ڊالرز اضافي جمع ٿي چڪا آهن.
وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته پاڪستان جي برآمدات جون 2020 جي ڀيٽ ۾ وڌي وئي آهي، جڏهن ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مٽا سٽا وارا ذخيرا به ريڪارڊ سطح تي اچي چڪا آهن….