ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ لاڳيتو گهٽتائي اچي رهي آهي

ملڪ ۾ ڪرونا ڪيسز ۾ لاڳيتو گهٽائي اچي رهي آهي، ايڪٽو ڪيسز جو انگ 10 هزار 188 رهجي ويو آهي.

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 496 نوان ڪيسز  رپورٽ ٿيا، جڏهن ته 9 مريضن دم ڏنو.

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي فوتين جو انگ 6 هزار 2 سئو 44 ۽ مريضن جو انگ 2 لک 93 هزار 2 سئو 61 تي پهچي ويو آهي.

 اين سي او سي جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 10 هزار هڪ سئو 88 آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ 2 لک 76 هزار 829 ڄڻا ڪرونا کي شڪست ڏئي صحتياب ٿي چڪا آهن.

اين سي او سي موجب، سنڌ ۾ڪورونا وائرس سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي، اتي مريضن جو انگ هڪ لک 28 هزار 284 آهي، جڏهن ته پنجاب ۾ 96 هزار 233 مريض آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*