ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 10 مريض فوت

ملڪ ۾ ڪرونا وگهي وڌيڪ 10 مريض فوت  ٿي ويا،جنهن بعد انگ  وڌي  6 هزار 328 ٿي ويو.

اين سي او سي مطابق ڪرونا جا  وڌيڪ 424نوان ڪيس ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق ڪرونا متاثرن جو انگ 2 لک 97 هزار 14 ٿي ويو.

اين سي او سي  مطابق 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جون 21 هزار 744 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ هيل تائين  2لک 81 هزار 925 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

رپورٽس مطابق ايڪٽو ڪيسن جو انگ 8761 رهجي ويو .

سنڌ ۾ هڪ لک 29 هزار 827 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن،جڏهن ته 2هزار 415 فوتگيون ٿي چڪيون آهن.

پنجاب هيل تائين 96 هزار 983 ڪيسز ۽ 2 هزار 205 فوتگيون ٿيون آهن،ڪي پي ۾ 36 هزار 340 ڪيسز رپورٽ ٿيا،جڏهن ته  هڪ هزار 255 حياتيون ضايع ٿي ويون.

اسلام آباد ۾ 15 هزار 689 ڄڻا ڪرونا ۾ مبتلا ٿيا، بلوچستان ۾ ڪرونا جا 12 هزار  935ڪيس رپورٽ ٿيا آهن ۽  143 ماڻهو فوت ٿي ويا.

گلگت-بلتستان ۾ 2 هزار 935 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن ۽  71 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*