مهذب جمهوري معاشري ۾ تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول نٿو ٿي سگهي: وزيراعظم عمران خان
وزير اعظم عمران خان تشدد جي خاتمي لاءِ بل فوري طور تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وزير اعظم چيو ته وفاقي گهرو وزارت تشدد جي خاتمي وارو بل فوري طور تي ايوان ۾ پيش ڪري.
عمران خان چيو ته مهذب جمهوري معاشري ۾ تشدد ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ٿي نٿو سگهي.
هن چيو ته تشدد اسلام جي روح جي خلاف آهي، اسان جو آئين ۽ عالمي قانون به تشدد جي اجازت نٿا ڏين ۽ اهو عالمي قانونن جي به ڀڃڪڙي آهي.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جو اجلاس سومر تي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ ايف اَي ٽي ايف سميت مختلف بل پيش ڪيا ويندا.