نوابشاهه ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب نوجوان سخت زخمي ٿي پيو اسپتال داخل

نوابشاهه جي اسپتال روڊ تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ روڊ تي ويهي ٻارڙن کي ڪينولا هڻندڙ عطائي ڊسپينسر محمد شريف پلي زخمي ٿي پيو.

زخمي محمد شريف پلي کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جتي هنگامي بنيادن تي سندس علاج جاري آهي پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

زخمي محمد شريف پلي جي ڀاڻيجي محمد نديم جو چوڻ آهي ته نور خان رند ۽ ٻين هٿياربندن سندس مامي تي حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو آهي.

محمد نديم جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن ڊاڪٽر منور سيال جي ڪلينڪ تي سندس مامي کي گهرائي ڌمڪايو ويو ته هو ٻارن کي ڪينولا نه هڻي يا وري اهي پئسا نور خان کي ڏئي، جنهن جي پلاند ۾ اڄ مٿس حملو ٿيو.

واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري ٻي ڌُر جو موقف ئي سامهون آيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*