ملتان ۾ اڻڄاتل ماڻهن پيٽرول پمپ مالڪ مٿان پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي اسپتال متنقل

ملتان جي ڊوگر بستي ۾ اڻڄاتل ماڻهن پيٽرول پمپ مالڪ مٿان پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس واقعي بعد ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ملتان جي ممتاز آباد ڪالوني مان موٽرسائيڪل تي سوار اڻڄاتل ماڻهو هٿيارن جي زور تي پيٽرول پمپ مالڪ نعيم ڀٽي کي کنڀي ويا ۽ ڊوگره بستي ۾ مٿس پيٽرول هاري باهه ڏني وئي.

پيٽرول پمپ مالڪ نعيم ڀٽي جي رڙين بعد علائقي واسي پهچي ويا، جنهن بعد هٿياربند فرار ٿي ويا ۽ علائقي واسين پيٽرول مالڪ کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو.

نعيم ڀـَٽي پوليس کي شروعاتي بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته موٽرسائيڪل تي سوار 2 ڄڻا پيٽرول پمپ تي آيا ۽ کيس ڪم جي بهاني ڊوگره بستي وٺي ويا، جتي مٿس پيٽرول جي بوتل هاري باهه ڏني وئي پر سندس رڙين تي علائقي واسي پهتا.

پيٽرول پمپ مالڪ ٻڌايو ته مٿس پيٽرول هاريندڙ کيس شاگرد لڳي رهيا آهن، واقعي بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٽن ڄڻن کي شڪ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*