صفوران سانحي کانپوءِ وڏي وزير کي اخلاقي طور استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي ها، نصرت سحر عباسي

اسيمبلي جي اجلاس دوران صفوران سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ  اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، پ پ ايم پي اي خيرالنسا مغل چيو آهي ته دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ را جي حامين جو خاتمو ڪرڻو پوندو، نصرت سحر عباسي چيو آهي ته واقعي بعدوڏي وزير کي اخلاقي طور استعيفا ڏيڻ گهرجي ها.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني  جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران صوبائي وزير سڪندر منڌري حڪومتي ڌر ۽ مخالف ڌر جي پارٽين پاران صفوران سانحي خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

ٺهراءَ تي ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي خيرالنساءَ مغل چيو ته ڪراچي ۾ امن جي قيام لاءِ را جي حامين جو خاتمو ڪرڻو پوندو.

نندڪمار گوڪلاڻي چيو ته اسماعيلي ڪميونٽي پرامن آهي، جنهن جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن ۽ اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ ٺوس اپاءُ وٺڻ جي ضرورت آهي.

نصرسحر عباسي چيو ته رڳو مذمتي ٺهراءُ پاس ٿيڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ۽ صفورا سانحي کانپوءِ وڏي وزير کي اخلاقي طور استعيفا ڏيڻ گهرجي ها.

متحده جي محمد حسين ۽ عبدالحسيب صفورا سانحي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو.

شهر يار مهر چيو ته صفورا سانحو ملڪ ۽ صوبي کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي.

صوبائي وزير منظور وساڻ ايوان ۾ ڳالهائيندي چيو ته 4هزار جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪار پوليس آفيسرن جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ٿيل آهن.

هن چيو ته خيرپور جي سانوڻ ۽ قادن واري گئس فيلڊ مان هر مهيني ڪروڙين رپين جو ڀتو وصول ڪيو وڃي ٿو ۽ کيس خدشو آهي ته اهو ڀتو ڪراچي ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*