انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رهندو، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم ڪراچي ۾ پوليس آفيسر جي قتل جو نوٽيس وٺندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رهندو.

وزير اعظم نواز شريف ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ شهيد ٿي ويل پوليس آفيسر جي قتل جو نوٽيس وٺندي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

وزير اعظم چيو  آهي ته ڪراچي ۾ انتهاپسندي ۽ دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رهندو، پوليس تي حملا مذمت جوڳو عمل آهي.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ امن جي بحالي لاءِ آپريشن پوري قوت سان جاري آهي، پوليس ۽ رينجرز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن.

ٻئي پاسي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پوليس آفيسر جي قتل جي مذمت ڪندي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*