ڀارت ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ 24 معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون

 ڀارت ۽ چين مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ 24 معاهدن تي صحيحون ڪري ورتيون آهن، وزيراعظم نريندر مودي چيني قيادت تي زور ڀريو آهي ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي متاثر ڪندڙ معاملن تي غور ويچار ڪيو وڃي

بيجنگ ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ چيني وزيراعظم لي ڪيچيانگ جي موجودگي ۾ ٻنهي ملڪن جي وفدن 24 مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون، جن ۾ معدنيات ۽ کاڻين جي شعبي، خلائي سهڪار، سياحت، زلزلي جي سائنس، انجنيئرنگ جي شعبن ۾ شهڪار سان گڏ انڊيا چين ٿنڪ ٽينڪ فورم جوڙڻ شامل آهن

معاهدن تي صحيحن کانپوءِ ڀارت ۽ چين جي وزيراعظمن گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي، وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ هو ته سرحدن جي معاملي تي ڀارت شفاف، مناسب ۽ ٻنهي ڌرين کي قبولڻ جوڳي حل لاءِ ڪوششون جاري رکندو ۽ ٻئي ملڪ پختو عزم رکن ٿا ته سرحدي علائقي ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکيو ويندو

وزيراعظم نريندر مودي جو چوڻ هو ته چين سان ويزا پاليسي توڙي سرحد پار درياهن وارن معاملن تي به يقيني اڳڀرائي جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته چيني قيادت سان علائقائي معاملن تي به ڳالهايو آهي، جن تي ڀارت کي ڳڻتي آهي

ان کان اڳ وزيراعظم نريندر مودي کي بيجنگ ۾ چيني وزيراعظم هائوس ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته خميس تي ڀارتي وزيراعظم شيان شهر ۾ چيني صدر سان به ملاقات ڪئي هئي

چيني پرڏيهي وزارت جي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل بيان ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته چيني صدر شي چن پنگ وزيراعظم مودي سان ملاقات ۾ چيو ته ٻنهي ملڪن کي گڏجي اعتماد وڌائڻ سان گڏ اختلافن ۽ مسئلن تي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ته جيئن اهي ٻطرفن لاڳاپن کي بهتر ڪرڻ ۾ رنڊڪ نه بڻجن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*