ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته ريلوي جي بحالي حڪومت لاءِ وڏو چيلينج هو پر خواجه سعد رفيق ٻن سالن اندر ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي، ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو هوندي آهي، ادارن جي ڪمزور ٿيڻ سان ملڪ ڪمزور ٿيندو.

اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز چيو ته ادارن جي ڪارڪردگي حڪومت جي ڪارڪردگي جو آئينو آهي.

هن چيو ته ادارن جي ڪمزوري سموري ملڪ جي ڪمزوري هوندي آهي، ملڪ جي ترقي جو دارومدار  ادارن جي ترقي تي هوندو آهي.

سندس چوڻ هو ته ريلوي ڪيترن ئي سالن کان زوال جو شڪار هو، جڏهن ته اداري جي بحالي حڪومت لاءِ چيلينج هو، ريلوي کي بهتر ڪرڻ جي اهليت سعد رفيق ۾ نظر آئي.

نواز شريف چيو ته خواجه سعد ٻن سالن ۾ ريلوي کي پٽڙي تي آندو آهي،  ٻن سالن ۾ ريلوي جي آمدني 23 ارب ٿي آهي.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته گهٽ عرصي ۾ ايتري آمدني خوشي جي ڳالهه آهي، ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ تنصيب شروع ڪئي آهي،ڄامشورو، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن ۾ بجلي پيدا ٿيندي.

هن چيو ته ريلوي جي 3 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏرايو ويو آهي، اضافي وسيلا ريلوي جي حالتن کي سڌارڻ تي خرچ ڪيا ويندا، جڏهن ته ٻن سالن جي عرصي ۾ ريلوي ۾بهتري جو عمل نظر آيو آهي.

وزير اعظم نواز شريف چيو ته بهتري ڳالهين ۽ دعوائن سان نه پر ڪم سان نظر ايندي آهي، مخالفن کي واويلا ڪرڻ بدران حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

هن چيو ته گرين لائين کي هڪ تجرباتي منصوبو سمجهيو وڃي، ٽرين ۾ سفر کي 10 لک رپيا انشورنس به ڏني ويندي.

وزير اعظم چيو ته پاڪ-چين اقتصادي منصوبو انقلابي پروگرام آهي، منصوبي سان ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ترقي نظر ايندي.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته منصوبي سان پاڪستان سميت خطي جي تقدير تبديل ٿيندي، ترڪي تائين به ٽرين جو سفر مڪمل ڪيو ويندو، ريلوي مان هيرا ڦيري ۽ ڪرپشن ختم ٿيندي نظر اچي پئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*