وزيراعظم نواز شريف ڪراچي کان اسلام آباد تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو

وزير اعظم نواز شريف، ڪراچي کان اسلام آباد تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو، مسافرن کي کاڌي پيتي جون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون.

وزير اعظم نواز شريف اسلام آباد کان ڪراچي تائين گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪيو، جنهن دوران کيس ٽرين جو معائنو پڻ ڪرايو ويو.

گرين ٽرين اسلام آباد کان ڪراچي ۽ ڪراچي کان اسلام آباد جو سفر 22 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪندي، جڏهن ته مسافرن کي ايئرڪنڊيشن، انٽرنيٽ “واءِ فاءِ” ۽ عام پاڻي بدران منرل واٽر ڏنو ويندو.

 گرين ٽرين لائين جو ڀاڙو 500 هزار رپيا مقررڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻارڙن کان چار هزار هڪ سئو رپيا ڪرايو ورتو ويندو.

گرين ٽرين ۾ مسافرن کي گهر جهڙو ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ ايئرڪنڊيشن، واءِ فائي، منرل واٽر  ۽ کاڌي پيتيون جون ٻيون شيون مفت فراهم ڪيون وينديون.

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته گرين ٽرين لائين منصوبي جو افتتاح ڪري کيس خوشي ٿي آهي، ملڪ کي توانائي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ورتيون پيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*