سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪرآغا سراج دراني کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ درخواست تي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري جي پيش نه ٿيڻ تي ٻنهي کي 8 ڊسمبر تي روبرو پيش ٿي وضاحت پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

محمد ابراهيم جي درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽري کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو، جن جي پيش نه ٿيڻ تي کين ٻيهر شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ذاتي طور تي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ ٻنهي کي هدايت ڪئي آهي ته هو 8 ڊسمبر تي پيش ٿي وضاحت ڪن.

درخواست گذار جو موقف هو ته نوڪرين تي پابندي هجڻ باوجود سترهين گريڊ جي 8 آفيسرن جي سڌي ريت ڀرتي ڪئي وئي، جنهن سان ميرٽ جي لتاڙ ٿي آهي.

درخواست گذار جو چوڻ آهي ته سترهين گريڊ پوسٽنگ ڪميشن جي امتحان وسيلي ٿيڻ گهرجي پر اهي گهرجون پوريون نه ڪيون ويون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*