ڊرون حملا پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختاري جي خلاف آهن، پرڏيهي ترجمان قاضي محمد خليل الله

پاڪستان پاران اتر وزيرستان ۾ آمريڪي ڊرون حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ڪاميابي سان جاري آهي، ڊرون حملا آپريشن جي آخري مرحلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ پرڏيهي ترجمان قاضي محمد خليل الله چيو ته 16 مئي تي آمريڪي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا.

پرڏيهي ترجمان چيو ته ڊرون حملا پاڪستان جي سالميت ۽ خودمختاري جي خلاف آهن، حملن سان مقامي آبادي به متاثر ٿي رهي آهي.

پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردن خلاف آپريشن ضرب عضب ۾ مصروف آهي، ڊرون حملا  دهشتگردن خلاف آپريشن جي آخري مرحلي تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي.

پرڏيهي ترجمان مطالبو ڪيو ته آمريڪا فوري طور تي قبائلي علائقن ۾ ڊرون حملا بند ڪري.

واضح رهي ته 16 مئي تي اتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ آمريڪي ڊرون حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*