ذوالفقار مرزا ڪراچي جي درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي جي درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي.

درخشان ٿاڻي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا خلاف پوليس اهلڪارن کي حراسان ڪرڻ، هٿيارن جي نمائش ۽ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

ذوالفقار مرزا خلاف داخل ڪيل ڪيس ۾ چيو ويو هو ته اڳوڻي گهرو وزير اهلڪارن کي حراسان ڪيوآهي.

ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ضمانت لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل جي معرفت درخواست جمع ڪرائي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*