پاڪستان جي ٽِيم خلاف سيريز کيڏڻ لاءِ زمبابوي جي ٽيم اڄ رات 2 وڳي لاهور پهچي رهي آهي

پاڪستان جي ٽِيم خلاف ٻه ٽي-ٽوئنٽي ۽ ٽي ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز کيڏڻ لاءِ زمبابوي جي ٽيم اڄ رات 2 وڳي لاهور پهچي رهي آهي، سيريز لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.

زمبابوي جي ٽيم خلاف رٿيل ٻه ٽي-ٽوئنٽي ۽ ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان سڀاڻي ڪيو ويندو.

اڳوڻي ڪپتان شيعب ملڪ ۽ عمر اڪمل جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان آهي.

زمبابوي خلاف سيريز لاءِ پاڪستان جي ٽي-ٽوئنٽي ۽ ون ڊي اسڪواڊ جي لسٽ تياري ٿي وئي آهي.

سليڪشن ڪميٽي ڪوچ وقاريونس ۽ ون ڊي ٽيم جي ڪپتان اظهر علي سان صلاح مشورو مڪمل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٽي-ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي کان فون تي سندس راءِ ورتي وئي آهي.

فيصل آباد ۾ جاري سپر ايٽ ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندڙ نوجوانن کي ٽيم ۾ موقعو ڏنو ويندو.

سپ ايٽ ٽي-ٽوئنٽي ٽورنامنٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندڙ شعيب ملڪ ، عمر اڪمل ۽ احمد شهزاد جي ٽيم ۾ واپسي جو امڪان آهي.

سيريز کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*