ڇا مفاهمتي پاليسي سبب ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ ڀرتي ڪيل دهشتگردن تي پردو پيو رکيو وڃي، نصرت سحر عباسي

سنڌ اسيمبلي ۾ 9 مهينن جي بجيٽ خرچن تي بحث دوران حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، نصرت سحر عباسي جو مائيڪ بند ڪرڻ تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو،  واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي ۾ دهشتگرد ڀرتي ڪيا ويا، ٻڌايو وڃي ته ڇا بينظير ڀٽو ڪرپشن جو سبق ڏئي وئي هئي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پينل آف چيمبر مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو.

اجلاس ۾ ٿر ڏڪار جي خاتمي ۽ برساتن لاءِ دعا گهري وئي.

اجلاس ۾ حڪومت جي 9 مهينن جي بجيٽ خرچن تي بحث ۽ ايندڙ بجيٽ لاءِ تجويزون پيش ڪيون ويون.

فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي کي پنجن منٽن کان وڌيڪ وقت نه ڏيڻ تي ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.

نصرت سحر عباسي جي چيمبر آف پينل مراد علي شاهه مائيڪ بند ڪري ڇڏي جنهن دوران اپوزيشن ميمبرن سخت احتجاج ڪيو.

ايوان ۾ ڳالهائيندي نصرت سحر عباسي چيو ته ايوان ۾ صوبائي وزير پاڻ چئي چڪو آهي ته واٽر بورڊ ۽ ڪي ايم سي ۾ دهشتگردن کي ڀرتي ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ايوان ۾ لسٽ پيش ڪئي وڃي ته ڪهڙن ڪهڙن دهشتگردن کي سرڪاري نوڪريون ڏنيون ويون.

نصرت سحر عباسي چيو ته ڇا مفاهمتي پاليسي سبب ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ ڀرتي ڪيل دهشتگردن تي پردو پيو رکيو وڃي؟

هن چيو ته صوبائي وزير ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ غير شفاف ترقين بابت به ٻڌائي ويو آهي پر ان جا تفصيل به ظاهر نه ڪيا ويا آهن.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي، بل نه ڏيندڙ غريب ماڻهن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچي پئي پر پاور فل ماڻهن خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿيو آهي.

هن چيو ته سالن کان چيو پيو وڃي ته پراڻو گند صاف ڪري رهيا آهيون ٻڌايو وڃي ته اهو پراڻو گند آخر ڪهڙو آهي؟

نصرت سحر عباسي چيو ته  کربين روپين جي ڪرپشن تي کين رڳو پنج منٽ ڳالهائڻ جي اجازت ملي رهي آهي.

هن چيو ته ميونسپل ملازمن کي پگهارون ڏيڻ بجاءِ وزير پاڻ ٻهاري کڻي بيٺو آهي اها ٻهاري به ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي چيو ته آڊيٽر جنرل جي رپورٽ ۾ 22 ارب روپين جي نشاندهي ٿي آهي.

نصرت سحر عباسي چيو ته ايوان ۾ اندرون سنڌ لفظ استعمال ڪرڻ تي نثار کهڙي گوڙ ڪندي چيو هو ته معافي ورتي وڃي.

هن چيو ته رڪارڊ ڪڍرايو وڃي ته ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ٽي ڀيرا اندروني سنڌ لفظ استعمال ڪري چڪو آهي ان کان معافي جو مطالبو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*