امريڪي رياست ٽيڪساس ۾ بائيڪرز جي ٻن گروهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا

امريڪي رياست ٽيڪساس ۾ بائيڪرز جي ٻن گروهن ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾9 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، واقعي بعد پوليس سئو شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ٽيڪساس جي شهر وَيڪو جي هڪ اسپورٽس ريسٽورنٽ ۾ بائيڪرز جي ٽن گروهن ۾ جهيڙو ٿيڻ بعد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ، جن ۾ 8 ڄڻا ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ هڪ زخمي اسپتال ۾ دم ڏنو، جڏهن ته 18 کان وڌيڪ زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، جنهنڪري امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته مارجي ويلن جو انگ وڌي سگهي ٿو.

پوليس موجب بائيڪرز گروهن وچ ۾ جهيڙي دوران شروع ۾ چاقن، زنجيرن جو استعمال ڪيو ويو ۽ بعد ۾ فائرنگ ڪئي وئي، شروعاتي طور تي واقعي جو سبب پارڪنگ جي معاملي تي تڪرار لڳي رهيو آهي.

ريسٽورنٽ جي ترجمان موجب جهيڙي وقت ڪجهه آفيسر به پهتا هئا، جن پڻ فائرنگ ڪئي ۽ جڏهن فائرنگ جو سلسلو رڪيو ته چئني پاسي رڳو لاش ۽ زخمي پکڙيل هئا.

 ايڏي وڏي واقعي کانپوءِ وَيڪو پوليس به شهر ۾ صورتحال تي ڪنٽرول لاءِ پريشان نظر اچي رهي هئي، جنهنڪري ٻين شهرن جي پوليس به طلب ڪئي وئي.

پوليس موجب سندن اهلڪارن جي فائرنگ ۾ ڪوبه ماڻهو مارجڻ جي تصديق في الحال نٿي ڪري سگهجي، جڏهن ته 9 ڄڻن جي مارجڻ کانپوءِ سئو جي لڳ ڀڳ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*