سنڌ هاءِ ڪورٽ قائم علي شاهه جي ڪاميابي خلاف داخل پٽيشن منتقل ڪرڻ بابت فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ورتو

سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ايس 29 خيرپور جي تڪ تان سيد قائم علي شاهه جي ڪاميابي خلاف داخل پٽيشن حيدرآباد ٽربيونل کان واپس ڪراچي منتقل ڪرڻ بابت فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ورتو آهي.

خيرپور جي تڪ پي ايس 29 تي وڏي وزير خلاف پٽيشن حيدرآباد منتقل ڪرڻ خلاف ن ليگ جي سيد غوث علي شاهه طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي وئي هئي.

جسٽس سجاد علي شاهه تي ٻڌل ڊويزن بينچ  سيد غوث علي شاهه جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ن ليگ جي غوث علي شاهه موقف اختيار ڪيو ته پٽيشن جي ٻڌڻي ڪراچي ٽربيونل ۾ هلي رهي هئي جيڪا بدنيتي ڪري حيدرآباد ٽربيونل ڏانهن منتقل ڪئي وئي.

هن چيو ته حيدرآباد ٽربيونل تي کيس اعتماد ناهي، تنهنڪري پٽيشن واپس ڪراچي منتقل ڪئي وڃي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ موقف ٻڌڻ کان پوءِ درخواست تي فيصلو سڀاڻي تائين محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*