ايس ايس پي سانگهڙ سياسي انتقامي ڪاررواين تي لهي آيو آهي، ڄام مدد علي

فنڪشنل ليگ اڳواڻ ڄام مدد علي چيو آهي ته سانگهڙ پوليس انتقامي ڪارروايون ڪندي سندس  پٽ خلاف 6 هزار روپيا ۽ موبائيل چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ نصرت سحر عباسي، امتياز شيخ ۽ شهريار مهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڄام مدد علي چيو ته سانگهڙ جو ايس ايس پي فرخ لنجار سياسي انتقامي ڪارروائين تي لهي آيو آهي.

هن چيو ته سندن خلاف ڪارروائي جو مقصد اهو آهي ته جئين مڪاني چونڊن کان فنڪشنل ليگ ٻاهر هجي.

ڄام مدد علي چيو ته هندو ناري کي زبردستي مسلمان ڪري شادي ڪرائي وئي جنهن عمل خلاف احتجاج ڪرڻ  تي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي.

هن چيو ته سندن گهر تي 15 پوليس موبائلن ۾ سوار ٿي اهلڪارن چڙهائي ڪئي ، ڪارڪنن جي مزاحمت بعد هو واپس ٿي ويا.

فنڪشنل ليگ جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته هو سياسي انتقامي ڪارروائين کان ڊڄڻ وارا نه آهن.

ڄام مدد علي جو چوڻ هو ته انتقامي ڪارروايون ڪندڙن اڳ بمبينو سينيماجي مالڪ ۽ بعد ۾ رضا زيدي کي اغوا ڪيو.

هن چيو ته روشن جوڻيجو سياسي بنياد تي ڀرتي ڪيل پوليس آفيسرن کي استعمال ڪري رهيو آهي.

ڄام مدد علي مطالبو ڪيو ته سانگهڙ جي ايس ايس پي کي هٽائي انتقامي ڪارروايون بند ڪيون وڃن.

ان موقعي تي امتياز شيخ چيو ته ڪور ڪمانڊر، آءِ جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز سانگهڙ ۾ به ڪراچي طرز جهڙو آپريشن ڪرائين.

امتياز شيخ جو چوڻ هو ته سياسي بنياد تي مقرر ڪيل پوليس آفيسرن کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*