پشاور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ ڳجهن ادارن ڪارروائي دوران 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو

پشاور جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ ڳجهن ادارن ڪارروائي دوران ٽن اشتهارين سميت 9 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب، پشاور جي مختلف علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪيون ويون.

ڪاررواين دوران ٽن اشتهارين سميت نون جوابدارن کي گرفتار ڪري وٽن ڳرا هٿيار ۽ ڦر ڪيل موٽر سائيڪل هٿ ڪيون ويون آهن.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ٻين ڪيسز ۾ گهربل آهن، جن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*