ڪراچي صورتحال تي ضابطي لاءِ رات جي وقت پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو ويندو آءِ جي سنڌ
سنڌ پوليس جي سربراهه غلام حيدر جمالي چيو آهي ته ڪراچي صورتحال تي ضابطي لاءِ رات جي وقت پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو ويندو.
ڪراچي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي غلام حيدر جمالي چيو ته رات جو ڪراچي ۾ پوليس جو گشت وڌايو ويندو ۽ جوانن کي گشت لاءِ بُلٽ پروف جيڪٽس مهيا ڪيون وينديون.
هن چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جون حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ سنڌ پوليس هر ممڪن اپاءُ وٺي رهي آهي.
آءِ جي سنڌ جي سربراهي هيٺ ٿيل اجلاس ۾ صوبي اندر امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺي ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا.