لاهور پوليس ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس ۾ هڪ سئو 6 جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو

 لاهور پوليس، ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ واري ڪيس جو چالان پيش ڪندي هڪ سئو 6 جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، عدالت جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ 21 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي.

لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پنجاب جي شهر ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ عيسائي جوڙي کي جيئرو ساڙڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران پوليس، عدالتي حڪم تي ڪيس جو مڪمل چالان پيش ڪيو، جنهن ۾ هڪ سئو 6 جوابدارن کي ڏوهي قرار ڏنو ويو.

عدالت، پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته چالان ۾ ڄاڻايل سمورن جوابدارن کي 21 مئي تي پيش ڪيو وڃي، ايندڙ ٻڌڻيءَ تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*