ڪجهه مدرسن جي دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت ملي ويا آهن، خواجه آصف

دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڪجهه مدرسن جي دهشتگردي ۾ ملوث هئڻ جا ثبوت ملي ويا آهن، موجوده سرڪار ماضي جي غلط فيصلن جا نتيجا ڀوڳي رهي آهي، سوچ تبديل نه ڪئي ته دهشتگردي وارو عذاب ختم نه ٿيندو.

قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو.

ايوان کي آگاهي ڏيندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته اطلاعات واري وزير پرويز رشيد جي مدرسن بابت بيان کي غلط رنگ ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته ملڪ جا 3 کان 4 سيڪڙو مدرسا دهشتگردي ۾ ملوث آهن، جنهن جا کين ثبوت ملي ويا آهن.

خواجه آصف چيو ته ماضي جي حڪومتن ۾ غلط فيصلا ڪيا ويا، جنهن جا نتيجا اڄ به ڀوڳي رهيا آهيون، جيستائين سوچ تبديل نه ٿيندي، دهشتگردي جي غذاب مان جان نه ڇٽندي.

دفاع واري وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف آپريشن ضرب عضب جاري آهي، ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو آڻي ئي سک جو ساهه کنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*