چوڌري نثار نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ کانپوءِ پاڪستان جي آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، نيويارڪ ٽائيمز  جي رپورٽ کانپوءِ پاڪستان جـِي آءِ ٽـِي ڪمپني ايگزيڪٽ خلاف جاچ جو حڪم ڏيندي وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 وفاقي گهرو وزارت جي ترجمان موجب، نيويارڪ ٽائيمز ۾ پاڪستان جي آءِ ٽـِي ڪمپني ايگزٽ جي جعلي ڊگرين واري ڪاروبار بابت ڇپيل خبر جو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار نوٽيس ورتو آهي.

چوڌري نثار چيو ته جاچ ڪئي وڃي ته ڇا ايگزيڪٽ ڪمپني غير قانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهي.

چوڌري نثار ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته جاچ ڪئي وڃي ته جعلي ڊگرين بابت نيويارڪ ٽائيمز جي خبر ۾ ڪيتري صداقت آهي ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته ڇا ڪمپني سان دنيا ۾ پاڪستان جي ساک متاثر ٿي آهي.

چوڌري نثار ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي آهي ته ان سموري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

واضح رهي ته نيويارڪ ٽائيمز هڪ رپورٽ ۾ الزام هنيو ته ايگزيڪٽ ڪمپني جعلي ڊگرين جي ڪاروبار ۾ ملوث آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*