راهداري منصوبي تي بلوچ ۽ پختونن جا خدشا ختم ڪرايا وڃن، مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبي تي کين اعراض ناهي، وزير اعظم نواز شريف جلد ٻيهر آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائيندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته راهداري منصوبي تي بلوچ ۽ پختونن جا خدشا ختم ڪرايا وڃن، ڪنهن سان زيادتي نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته پاڪ-چين اقتصادري راهداري منصوبي جو گلگت بلتستان سميت چئني صوبن کي فائدو پهچڻ گهرجي.

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي تي کين اعتراض ناهي، پر ان جي ترجيح طئي ڪرڻي پوندي.

ٻئي پاسي خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ بل جي حوالي پ پ جي پارلياماني پارٽي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ بل جي حوالي سان پنج ترميمون تياري ڪيون ويون.

اجلاس ۾ پ پ پارلياماني ڪميٽي پاران گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ بابت حڪومتي بل جي حمايت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*