ملڪي حالتون انتهائي خراب آهن سڄي قوم کي ان تي سوچڻ گهرجي سيد منور حسن

جماعت اسلامي جي اڳوڻي سربراهه سيد منور حسن چيو آهي ته واهگه بارڊر تي سرحد پار کان ٿيندڙ فائرنگ سڄي قوم تي حملو آهي، ملڪي حالتون انتهائي خراب آهن، سڄي قوم کي اِن تي سوچڻ گهرجي.

ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين سان ڳالهائيندي سيد منور حسن چيو ته ڀارتي فوج پاران ٿيندڙ فائرنگ تي حڪومت جي خاموشي مجرماڻي آهي.

هن چيو ته واهگه بارڊر تي ٿيل حملو پوري قوم تي حملو آهي، جنهن خلاف حڪومت کي ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي.

سيد منور حسن چيو ته ملڪي حالتون انتهائي خراب آهن ۽ سڄي قوم کي ان تي سنجيدگي سان سوچڻو پوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*