ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامين خلاف ڳجها ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، ڊاڪٽر فهميده مرزا

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي هٿ وٺي اهڙو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي جيئن ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي نقصان پهچائي سگهجي، حالتن جي ذميوار سنڌ سرڪار ۽ سرڪار هلائيندڙ آهن، کيس ڪو حل نظر نه ٿو اچي، هاڻ صمءُ بڪمءُ ويٺل خاموشي ٽوڙين ۽ حالتن کي سنڀالين.

ته دهشتگردي جو بدترين مثال ڏسڻو  آهي ته عدالت ۾ وڃي ڏسو پوليس ڪمانڊوز سان گڏ وڏي انگ ۾ سول ڊريس ۾ اهلڪار به موجود آهن، سنڌ سرڪار مسئلو حل ڪرڻ بجاءِ کين نقصان ڏيڻ چاهي ٿي.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي فهميده مرزا چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس حامين خلاف ڳجها ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي به کين نه پئي ڏني وڃي.

هن چيو ته ذوالفقار مرزا کي سڪيورٽي خدشا آهن ۽ کيس خطرو آهي ته سنڌ سرڪار ئي نقصان پهچائيندي.

فهميده مرزا جو چوڻ هو ته کيس يا سندس ڪنهن به گهر ڀاتي کي ڪو به نقصان پهتو ته ذميوار سنڌ سرڪار ۽ حڪومت هلائڻ وارا ئي هوندا.

هن چيو ته درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو وڃي ته ڇتين تي ڪير بيٺل هو.

سندس چوڻ هو ته درخشان ٿاڻي تي حالتون خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي تنهنڪري ماحول خراب نه ڪرڻ تي ئي ايس ايڇ کي معطل ڪيو ويو.

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر جو چوڻ هو ته حڪومت پهرين ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ بعد ۾ پوري صوبي کي نقصان پهچائيندي تنهنڪري سنڌ واسي ناانصافين خلاف ٻاهر نڪرن.

هن چيو ته هن وفاقي سرڪار سان به ڳالهايو آهي پر ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي کين سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪهڙو تماشو ٿي رهيو آهي.

فهميده مرزا جو چوڻ هو ته ڪڏهن هڪ آءِ او نوٽيس اماڻي رهيو آهي ته وري ڪڏهن ٻيو پيو نوٽيس اماڻي کين ڄاڻ ئي ناهي ته ڪيس ڪهڙا آهن؟

هن چيو ته کيس ڪو حل نڪرندي نظر نه پيو اچي ۽ ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ۽ سندس گهر کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*