سول سروسز ۾ ترقيون ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن، وزيراعظم نواز شريف

وزير اعظم نواز شريف، چيو آهي ته سول سروسز ۾ ترقيون ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن، ٽئين درجي کي پهرين درجي ۾ تبديل ڪرڻ حڪومت جي پاليسي نه آهي، معاملي کي صوبائيت جو رنگ نه ڏنو وڃي.

قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته سول سروسز ۾ ترقيون ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڏنيون ويون آهن، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جلد پريشان ٿي ويندو آهي، کيس گهٻرائڻ نه گهرجي.

هن چيو ته جيڪڏهن عوام سان انصاف ڪرڻو آهي ته پنهنجي اصولن، ميرٽ ۽ اهليت واري فيصلي تي اٽل رهڻو پوندو، ڪنهن سان ناانصافي نه ٿيندي.

وزير اعظم چيو ته وفاقي حڪومت ميرٽ ۽ اهليت جي بنياد تي ڀرتيون ڪيون آهن، سول سروسز ۾ ترقين جي معاملي تي وفاقي سرڪار جو ڪو ڪردار نه آهي.

وزير اعظم نواز شريف وڌيڪ چيو ته سول سروسز ۾ صوبائي نه پر ميرٽ ۽ اهليت جو معاملو آهي، ٽئين درجي کي پهرين درجي ۾ تبديل ڪرڻ حڪومت جي پاليسي نه آهي، معاملي کي صوبائيت جو رنگ نه ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*