آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، شاهه محمود قريشي

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آءِ ٽي ڪمپني ايگزيڪٽ جي جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار معاملي بابت قوم کي اعتماد ۾ وٺي.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ايگزڪٽ ڪمپني خلاف جعلي ڊگرين واري معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته چيو ته حڪومت کي معاملي تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، ٻڌايو وڃي ته ڪمپني کي لائسنس ڪئين مليو ۽ ڪنهن جاري ڪيو؟.

شاهه محمود قريشي چيو ته ايگزيڪٽ ڪمپني جو مالڪ ڪير آهي ۽ انهن کي ايترا اختيار ڪئين ڏنا ويا.

پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته آمريڪي اخبار پاران شايع ڪيل خبر ۾ صداقت نظر اچي رهي آهي، وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي قوم کي معاملي بابت آگاهه ڪري.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*