صفوران سانحي بابت اهم شاهديون ۽ سي سي ٽي وي فٽيجز ملي ويا آهن، سيد قائم علي شاهه

 سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته  صفوران سانحي بابت اهم شاهديون ۽ سي سي ٽي وي  فٽيجز ملي ويا آهن، ماضي ۾ پرويز مشرف، ڪور ڪمانڊر، آمريڪي قونصل خاني ۽ فرانسيسي انجنيئرز تي حملا، ٻڌايو وڃي ته اهڙن واقعن تي ڪنهن وڏي وزير يا عملدار استعيفيٰ ڏني.

 سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي سميت سموري صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، جنهن جي ساراهه وزيراعظم به ڪئي آهي.

هن چيو ته مخالف ڌر مڃي نه مڃي هنن ڪراچي کان ٿر تائين ڪم ڪرايا آهن ۽ ترقياتي ڪمن ۾ رڪاوٽ جو سبب وفاق پاران اين ايف سي ايوارڊ تحت رقم نه ڏيڻ آهي.

سيد قائم علي شاهه چيو ته صفوران سانحي جون شاهديون ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز ملي ويا آهن، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هن چيو ته ماضي ۾ ڪراچي ۾ ڪور ڪمانڊر، پرويز مشرف، آمريڪي قونصل خاني ۽ فرانسيسي انجنيئرز تي حملا ٿيا، ٻڌايو وڃي ته اهڙن حملن بعد ڪنهن وڏي وزير يا ٻي ڪنهن عملدار استعيفيٰ ڏني.

 وڏي وزير چيو ته اسماعيلي ڪميونٽي سنڌ سرڪار تي اعتماد ڪري ٿي ۽ اها 400 ملين ڊالرز جي لاڳت سان نئين اسپتال تعمير ڪري رهي آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت 400 ايڪڙ زمين ڏني آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*